ملا محمد: جڏهن جهانگير بادشاهه جي سڏ تي ساڻس ملڻ ٿي ويو ته رستي ۾ وتايو فقير مليس، جنهن کان دعا گهريائين. هو مسڪين حال ۾ هو، پوءِ علمي ڪمال حاصل ٿيس ۽ نورجهان بيگم جو استاد مقرر ٿيو.
ج: چون ٿا ته هڪڙي ڏينهن ڪو ماڻهو مڪليءَ تي زيارت ڪرڻ لاءِ پئي ويو. هوڏانهن وتايو مجذوب ٽڪريءَ تان موٽيو پئي آيو. ٻيو مجذوب ٽڪريءَ ڏانهن پئي ويو. وتايي ان ٻئي مجذوب کي چيو ته ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ اڄ مخدوم حمزو گذاري ويو آهي. جناب سيد المرسلين ﷺسندس جنازي جي نماز پڙهڻ واسطي تشريف فرما ٿي رهيا آهن، پاڻ امامت ڪندا. هل ته پاڻ به هلي پهچون. هن ويندڙ ماڻهوءَ ڳالهه ڪئي ته انهن مجذوبن جي ڳالهه ٻڌي آءٌ به سندن پٺيان شهر ۾ آيس ۽ اچي ڏٺم ته برابر مخدوم حمزو گذاري ويو آهي. آءٌ سندس جنازي نماز پڙهڻ لاءِ صف ۾ بيٺس. صفون سڌيون ٿيون ته هو ٻئي اڳينءَ صف ۾ وڃي بيٺا. امام جي تڪبير چوڻ کان اڳ هڪ تڪبير غيب مان ٻڌڻ ۾ آئي.
د: وتايو فقير سَير ڪندي، هڪ ڏينهن لنواريءَ جي شهر وڃي نڪتو. هڪ مسجد وٽان لنگهندي ڏٺائين ته شيخ گل محمد نماز پڙهي، ٻين جماعتين سان گفتگو ويٺو ڪري. سندس پُٺا اگهاڙا هئا. وتايي، اندر گهڙي شيخ کي پٺن تي چمي ڏني. ماڻهن پڇيس ته درويش ڇا ڏٺئه؟ چيائين ته هن پُٺ مان هڪ گل پيدا ٿيندو، جنهن جي سڳنڌ، جڳ واسي ڇڏيندي. ٿيو به ائين شيخ صاحب کي مخدوم محمد زمان لنواري وارو پيدا ٿيو، جنهن لاءِ شاهه لطيف چيو آهي:
مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تني سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي!